حڪومت پاران ڏکيا فيصلا وٺڻ ۽ مدو پوروڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اتحادي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا

ذريعن موجب حڪومت ٻڏتر جو شڪار هئي ته آئيني مدو پورو ڪجي يا وقت کان اڳ عام چونڊون ڪرائجن، پر گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا

اتحادين گڏيل طور فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا ويندا

ٻئي پاسي ناڻي وراي وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف سان پاليسي تي ڳالهين لاءِ اڄ قطر روانو ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔