آصف زرداري وقت کان اڳ چونڊن واري فيصلي ۾ رنڊڪ بڻيل آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري وقت کان اڳ چونڊن ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ چيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته جلد کان جلد چونڊون سيپٽمبر جي آخر ۽ آڪٽوبر جي شروعات ۾ منعقد ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن به تصديق ڪئي آهي ته گهٽ ٽائيم دوران جلد چونڊون ممڪن نٿيون ٿي سگهن پر هن وقت جلد چونڊن جي رستي ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري رنڊڪ بڻيل آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته آصف زرداري چاهي ٿو ته مسلم ليگ(ن) اقتدار ۾ رهي ۽ مشڪل فيصلا به ڪري جنهن سان هن جي ساک متاثر ٿئي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن سياسي نقصان جي ڀائيوار به رهي ۽ بعد ۾ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي لاءِ رعايتون به حاصل ڪري سگهي. هو سمجهن ٿا ته چونڊن جي صورت ۾ پيپلز پارٽي کي اندرون سنڌ کان علاوه ڪنهن به جڳهه تي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔