ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پاران پيٽرول جون قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد: ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پيٽرول جون قيمتون نه وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 سال اڳ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي هئي ته اسان کنڊ ۽ ڪڻڪ برآمد ڪري رهيا هئاسين پر پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کنڊ برآمد ڪئي پر اها مهانگي درآمد ڪئي وئي پر هن سال اسان ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪنداسين.
هن چيو ته ڪمند، ڪڻڪ ۽ ڪپهه ٽنهي جي پيداوار هنن جي دور ۾ گهٽ ٿي آهي ۽ ڇا فوڊ سيڪيورٽي ۾ شڪي ماڻهن کي ويهاريو ويو آهي؟ ڇا يوريا جي اسمگلنگ ڪرائي وئي آهي؟ يوريا جي اسمگلنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو ملوث آهن ۽ پنجاب حڪومت جي مداخلت کان سواءِ اسمگلنگ ممڪن نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته ڪڻڪ به پاڪستان مان اسمگلنگ ٿي. مفتاح اسماعيل چيو ته ڀاڻ جي ٻوري اسان پاڪستان ۾ پنهنجن هارين کي سستي ڏئي رهيا آهيون جيڪڏهن اسان زراعت کي صحيح نه ڪري سگهياسين ته ملڪ اڳيان نٿو وڌي سگهي. 4 ارب ڊالرز جو اسان کاڄرو تيل درآمد ڪنداسين. هن چيو ته هن سال 45 ارب ڊالرز جو واپاري خسارو ٿيندو. کنڊ سستي ڏئي رهيا آهيون ۽ ڪجهه وقت ۾ وڌيڪ سستي ڏيڻ جو چئي ڇڏيو آهي. پيٽرول اسان وڌائينداسين ته گناهگار ۽ نه وڌائينداسين تڏهن به گناهگار.
ناڻي واري وزير چيو ته جيترو قرض پاڪستان جي پهرين وزيراعظم کان وٺي سمورن وزيراعظمن ورتو ان جو 80 سيڪڙو عمران خان پوڻن 4 سالن ۾ ورتو. ٿوري رعايت ۽ سچائي ته هجڻ گهرجي هي اهو چئي آيا هئا ته اسان ٽيڪس ڊبل ڪري ڇڏينداسين پرهر جڳهه تي هنن بيقاعدگي ڪئي آهي مون کي ته ڪٿي به نظر نه آيو ته هي ڪٿي ڇڏي ويا هئا. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسد عمر کان اميد آهي ته هو عمران خان سان ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو مون کان حساب گهرڻ بجاءِ پنهنجن پوڻن 4 سالن جو حساب ڏئي. 10 اعشاريه 5 ارب ڊالر جو اسٽيٽ بئنڪ جو ريزرو هو جيڪو هن وقت به موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔