بغاوت کان بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 96 اي بابت ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آھن تھ بغاوت کان بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏجي،استعيفيٰ سان سسٽم به بچي ويندو، ضمير پٽاندڙ ڪوبه ميمبر بغاوت ڪري ته ڊي سيٽ ٿي ويندو، اِن جو مطلب ته آئين ضمير  تحت ووٽ ڏيڻ وارو قدم قبول نٿو ڪري

 سپريم ڪورٽ جا آرٽيڪل 63 اي بابت ريفرنس تي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسان جا ڪُلها ايڏا ڪمزور ناهن، آئين جي تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي

 چيف جسٽس چيو ته هاڻي لڳي ٿو هن ڪيس ۾ دير چاهيو ٿا، اٽارني جنرل شام تائين به آيو ته کيس ٻڌنداسين، رات جو دير تائين به ڪيس تي ٻڌڻي لاءِ تيار آهيون، عدالت رات جو دير تائين به ويٺي هوندي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔