موسميات کاتي  پاران مئي جي آخرتائين سخت گرمي جي لهر برقرار رهڻ جي اڳڪٿي 

ڪراچي: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي لهر مئي جي آخر تائين شدت سان برقرار رهي سگهي ٿي.
ان حوالي سان موسميات کاتي خبردار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف ميداني علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر هلندڙ مهيني جي آخر تائين برقرار رهي سگهي ٿي. پر اڄ شام يا رات جي وقت ۾ اسلام آباد، مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
سموري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد بينظير آباد ۽ جيڪب آباد ۾ 51 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته موئن جو دڙو ۽ ڊيرا غازي خان ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين پهچي ويو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سال جو گرم ترين ڏينهن رهيو ۽ گرمي پد 42 ڊگري کان به مٿي رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔