اتر وزيرستان ۾ آپگهاتي حملو، 3سڪيورٽي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد

اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾3سڪيورٽي اهلڪارن سوڌو  6 ڄڻا شهيد ٿي ويا آھن

آءِ ايس پي آر موجب حملي ۾ 3 ٻار به شهيد ٿي ويا آهن، شهيدن ۾ حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصفر، سپاهي قاسم مقصود، ٻارڙا انعم، احسن ۽ احمد حسن شامل آھن

 انٽيليجنس ايجنسيز آپگهاتي بمبار ۽ اُن جي سهولتڪارن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔