عوام اڄ رات حڪومت خلاف روڊن تي نڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪارڪنن کي اڄ رات جو حڪومت خلاف احتجاج جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪڏهن به هنن ماڻهن کي جلسن، ڌرڻن ۽ ريلين کان ناهي روڪيو ڇو ته اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته مان اڄ سيالڪوٽ ۾ هوندس.
مان پنهنجن سمورن ماڻهن کي چوان ٿو ته عشاءَ جي نماز کان پوءِ پنهنجن شهرن ۽ علائقن ۾ هن فاشسٽ امپورٽڊ حڪومت خلاف احتجاج ڪري. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته جڏهن هي مانهو اقتدار ۾ هئا ته انهن سپريم ڪورٽ تي حملو، ماڊل ٽائون ۾ قتل ڪيا ۽ ججن کي رشوت ڏني. نوازشريف پاڻ کي اميرالمومنين قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن اپوزيشن ۾ رهندي جمهوريت کي استعمال ۽ پامال ڪيو جڏهن ته حڪومت ۾ رهندي سمورن جمهوري اصولن کي تباهه ڪيو ويو پر هاڻ عوام هنن جي خلاف ٻاهر نڪتي آهي.
عمران خان وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مان اڄ سيالڪوٽ ويندس. امپورٽڊ حڪومت اسان جي قيادت ۽ ڪارڪنن سان جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اميدن جي خلاف هو. هن چيو ته ضمانت تي موجود هن ڏوهاري ٽولي ۽ ان جي لنڊن ۾ ويٺل سزا يافته مافيا سربراهه هميشه پنهنجن مخالفن خلاف فاشسٽ حڪمت عملي اپنائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔