عمران نيازي پاڪستان جي رياست لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران نيازي پاڪستان جي رياست لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن جي شر کان ڪوبه ادارو محفوظ نه آهي، نه ڪا مسجد ۽ نه ئي وري ڪو گرجا گهر. سيالڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جي گرجا گهر جي جڳهه تي جلسو ڪرڻ تي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته گرجا گهر کي جلسو گاهه بنائڻ جي ڪوشش ڪري مسيحي برادري جي مذهبي جذبن کي ڀڙڪايو ويو.
گهرو وزير چيو ته مديني جي رياست جو نالو وٺي پنهنجي سياسي دوڪان چمڪائنيدڙ عمران نيازي ملڪ ۾ مذهبي انتشار پکيڙي رهيو آهي. عمران نيازي پنهنجي انهي ڪريل حرڪت سان مذهبي اقليتن کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو؟ هن چيو ته رياست هر صورت ۾ پنهنجي اقليتن جو تحفظ ڪندي. رياست ڪنهن کي به ملڪ ۾ هٿ ٺوڪي حڪمران جي اجازت نه ڏيندي. مسيحي برادري جي فيصلي کي رياستي تحفظ ڏيڻ قانوني ادارن جي ذميواري آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪئي وئي ته قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔