آصف علي زرداري خلاف 25سال پراڻيون نيب اپيلون ٻيهر ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسز ۾ نيب اپيلون هڪ دفعو ٻيهر ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.
چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ سومر جي ڏينهن ٻڌڻي ڪندو. عدالت نيب کي وڌيڪ عدالتي وقت ضايع نه ڪرڻ ۽ ڪيس جي تياري جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. نيب آصف زرداري جي اُرسس ٽريڪٽر، اي آر واءِ گولڊ ريفرنس ۾ بريت کي چئلينج ڪيو آهي.
ايس جي ايس ۽ ڪوٽيڪنا ريفرنسز ۾ به آصف زرداري جي بريت خلاف نيب اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي. نيب 7 سال اڳ آصف زرداري جي بريت خلاف اپيل داخل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔