اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار کان مڪاني چونڊن لاءِ سهولتون گهري ورتيون

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن سنڌ جي اختيارين کان مڪاني چونڊن لاءِ سنڌ حڪومت کان عملو، گاڏيون ۽ ٻيون سهوليتون گهري ورتيون، مڪاني چونڊن ۾ رٽرننگ آفيسرن ۽ ٻئي عملي جي سيڪيورٽي لاءِ به قدم کڻڻ جي سفارش، پولنگ اسٽيشنن تي پاڻي، بجلي ۽ چوديواري جي سهوليتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري وٽ تفصيلي سفارشون پيش ڪيون ويون آهن

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين پاران سنڌ حڪومت کان رٽرننگ آفيسرن، ضلعي رٽرننگ آفيسرن سميت اليڪشن ۾ ڪم ڪندڙ ٻئي عملي جي لاءِ سخت سيڪيورٽي طلب ڪئي وئي آهي، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري وٽ سيڪيورٽي ۽ سهوليتن جو تفصيلي چارٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي

جنهن بعد چيف سيڪريٽري پاران پهرين مرحلي ۾ بلدياتي اليڪشن وارن ضلعن سکر، گھوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، خيرپور، ميرپورخاص، نوشهروفيروز سميت ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن توڙي ميرپورخاص، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن جي ڪمشنرن ۽ ڊي آءِ جيز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته سندن حد وارن ضلعن ۾ پولنگ اسٽيشنن تي چوديواري جو اڳواٽ بندوبست ڪري پولنگ عملي لاءِ رهائش، واشروم، پيئڻ جي صاف پاڻي جون سهوليتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي سفارش بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت پاران لاڳاپيل ڊي آءِ جيز توڙي ڪمشنرن کي سيڪيورٽي ۽ سهوليتون لاءِ پلان ترتيب ڏئي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر پاران چيف سيڪريٽري وٽ پيش ڪيل سفارشن واري چارٽ ذريعي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي پوليس اهلڪارن سميت پوليس جا هاءِ ڪمان آفيسر مقرر ڪرڻ جي به گھُر ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري پاران چيف اليڪشن ڪمشنر جي خط کانپوءِ سمورن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ضلعي رٽرننگ آفيسرن توڙي رٽرننگ آفيسرن لاءِ گاڏين جو به بندوبست ڪيو وڃي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔