آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۾ به ڊالر جو اگه گهٽجي نه سگهيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ کانپوءِ هر روز وڌندڙ مهانگائي سان گڏوگڏ اڄ پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي

ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ 188.66 رپين تي بند ٿيو پر اڄ واپار جي شروعات کان وٺي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿي ڪري 190.16 پئسا ٿي ويو آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 191.50 پئسا کان وڌي ويو آهي

ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به منفي رجحان جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس 600 پوائنٽس کان وڌيڪ گهٽتائي سان 42901 تي ٽريڊنگ ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔