آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي : آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پاران لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي عمران خان جا الزام پروپيگنڊا، غلط ڄاڻ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو ته هو پاڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ اهڙن الزامن کي پاڪستان سان لاڳاپن جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ ڏينداسين

هڪ سوال جي جواب ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته کيس پاڪستاني عملدارن سان فوري ملاقات جي ڪا به خبر ناهي، پر آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن گذريل هفتي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي

نيڊ پرائس چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن افغانستان، دهشتگردي، واپار، ماحوليات، توانائي، صحت ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔