وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، اهم فيصلا

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس دوران ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عارف علوي جي ڪردار کي آئين کان مٿانهون قرار ڏيندي چيو آهي ته عارف علوي پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چينه جي معاملي تي آئين جو مذاق بنايو ملڪ کي انتشار طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو

تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو. اجلاس دوران ملڪ جي سياسي معاملن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ صدر عارف علوي جي ڪردار تي سخت ڳڻتي جو اطهار ڪيو ويو ۽ ڪابينه طرفان عارف علوي جو ڪردار آئين کان مٿانهون قرار ڏنو ويو. ڪابينه ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صدر پنجاب جي گورنر واري معاملي تي آئين جو مذاق بنايو، جڏهن ته ڪابينه ميمبرن پنجاب جي گورنر عمر چيمه جي قدمن تي به حيرت جو اظهار ڪيو. ڪابينه ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ کي انتشار طرف ڌڪو ڏيڻ لاءِ آئيني عهدن جو استعمال ڪيو ويو

صدر۽ پنجاب جي گورنر آئين، قانون، پارليامينٽ جمهوريت جي توهين ڪئي. حڪومت پنجاب جي گورنر کي هٽائڻ لاءِ آئيني اختيار استعمال ڪيو. وفاقي ڪابينه راءِ ڏيندي چيو ته ملڪ سياسي افراتفري برداشت نٿو ڪري سگهي. ادارن مٿان حملو ڪندڙن خلاف قانون پنهنجو رستو ٺاهيندو. وفاقي ڪابينه پنجاب جي گورنر واري معاملي تي وزيراعظم جي ايڊوائس رد ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔