ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي،هيٽ ويو الرٽ جاري

ڪراچي: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به سخت گرمي رهندي . موسميات کاتي هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ گرمي پد پنجيتاليهه تائين وڃڻ جا امڪان ظاهر.
موسميات کاتي موجب ميداني علائقا هيٽ ويو جي اثر هيٺ رهندا. پنجاب جا مختلف علائقا اڄ به سخت گرمي هيٺ رهندا. سنڌ ۾ دادو، نوابشاهه، مٺي، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد ۾ گرمي پد 45 کان به وڌي وڃڻ جو امڪان آهي. بلوچستان ۾ سبي ۽ تربت وارن علائقن ۾ پارو 46 تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪوئٽه ۽ گوادر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 46 کان 48. سبي ۾ 48 کان 50 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. صوبي جا مختلف علائقا سخت گرمي جي اثر هيٺ رهندا.
موسميات کاتي موجب 12 کان 15 مئي دوران گرمي جي شدت وڌيڪ هوندي. طبي ماهرن شهرين کي بنا ڪنهن ضرورت جي گهرن مان نه نڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔