آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو اٿئو، آئين جا بخيا اڊيڙڻ بند ڪريو:سپريم ڪورٽ

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ لاپتا ماڻهن جي ڪيسز تي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آھي، سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ آئين ۽ قانون کي مذاق بڻائي ڇڏيو اٿئو، آئين جا بخيا اڊيڙڻ بند ڪريو

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾ چيو ته شهرين کي لاپتا ڪندڙن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان جو ڪم جوابدارن کي تحفظ ڏيڻ آهي؟

اهو ڪهڙو طريقو آهي جو جيئڻ وڻي، تيئن ڪريو، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ڏک ٿيو جو رياست هڪ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف عدالت آئي آهي، ايترو ته حق ڏيو جو اغوا ڪندڙ جو نالو شامل ٿي سگهي، پراسيڪيوٽر جنرل کان ڪيس خلاف اپيل داخل ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔