ڪِرپٽو ڪرنسي جي اوٽ ۾ پاڪستانين سان 18 ارب رُپين کان وڌيڪ فراڊ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪِرپٽو ڪرنسي جي اوٽ ۾ پاڪستانين سان 18 ارب رُپين کان وڌيڪ فراڊ جو انڪشاف ٿيو آھي، ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ پاڪستان ۾ بائينانس جي جنرل منئيجر کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آھن

امريڪا ۽ آئرلينڊ ۾ بائينانس جي هيڊڪوارٽرز کي به نوٽيسز اُماڻيا ويا، ايف آءِ اي جي نوٽيسز ۾ چيو ويو آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي سان امڪاني طور ٽيرر فنانسنگ ۽ مني لانڊرنگ به ٿي رهي آهي

تفصيلن موجب پاڪستان ۾ هڪ آن لائن سوين اربن جو فراڊ ٿيو آھي، ايف آئي اي سائبرڪرائيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، ايف آئي اي سائبر ڪرائيم بائنانس جي مينيجر حمزا خان کي نوٽيسجاري، 12 جنوري تي طلب ڪيو ويو آھي

بائنانس آمريڪا ۾ واقع هيڊڪواٽرکي به نوٽيس جاري ڪري وضاحت طلب ڪئي وئي آھي، سائبر ڪرائيم جي سربراھ عمران رياض جو چوڻ آھي تھ هي ايپليڪيشنس ٽيليگرام تي به موجود هيون، اوچتو اڪائونٽ بند ٿيڻ بعد متاثرنايف آئي اي سائبر ڪرائيم سان رابطو ڪيو آهي

عمران رياض چيو تھ بائنانس جي مينيجر کي سوالنامي ۾ پڇيو آهي ته انهن ايپليڪيشنز سانبائنانس جو ڇا تعلق آهي، مجموعي طور تي 30هزارماڻهن سان فراڊ ٿيو آهي، هي موبائيل ايپليڪيشنسز هئا،آنلائن ڪرنسي ذريعي سيڙپڪاري تي وڏو فائدو ڏيڻ جا ڏٽا ڏنا ويا، مجموعي طور تي هڪ سو ملين ڊالر جو فراڊ ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔