سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن ۾ سڌارا ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جو فيصلو ڪري ورتو

بورڊز ۽ يونيورسٽين واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سمورن تعليمي بورڊز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليمي بورڊز کي سڌارڻ ۽ ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري بورڊز چيئرمين اسلام آباد تعليمي بورڊ، سي اي او پنجاب ايگزامنيشن ڪميشن، چيئرمين پشاور بورڊ ۽ سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي.

اسلام آباد بورڊ جي چيئرمين قيصر عالم اجلاس کي آٽوميشن ۽ ڊجيٽلائيزيشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

اجلاس کي پنجاب ايگزامنيشن ڪميشن جي مقصدن ۽ فرسٽ ڪلاس کان 8 ڪلاسن جي اسيسمينٽ ۽ امتحانن جي نظام ۾ ڪيل سڌارن کان به آگاهه ڪيو ويو.

بورڊز واري صوبائي وزير اسماعيل راهو 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري بورڊز ڪراچي ۽ نوابشاهه تعليمي بورڊز شامل آهن.

ڪميٽي سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ سڌارن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سفارشون تيار ڪندي.

اسماعيل راهو چيو ته سمورن تعليمي بورڊن جي نتيجن کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، سمورن تعليمي بورڊن جي آٽوميشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن کانپوءِ استاد گهر ويهي پنهنجا پيپر چيڪ ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔