ن ليگ سان دوستي پراڻي آهي ۽ اهڙي ئي رهندي: جهانگير ترين

لاهور: پي ٽي آءِ جي منحرف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ن ليگ سان دوستي پراڻي آهي ۽ اهڙي ئي رهندي.

ايڪسپريس نيوز موجب ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي ڌيءَ جي شادي جي تقريب ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ اڳواڻن شرڪت ڪئي، ملزم جهانگير ترين تقريب ۾ شريڪ مهمانن ۽ خاص ڪري صحافين جي نظرن ۾ رهيو.

شادي جي تقريب دوران به جهانگير ترين کان سياسي سوال اٿندا رهيا، هڪ صحافي جهانگير ترين کان سوال ڪيو ته ڇا جهانگير ترين جو جهاز ڪڏهن مسلم ليگ ن ڏانهن وڃي سگهي ٿو؟ جنهن تي جهانگير ترين چيو ته جهاز ڪٿي به وڃي سگهي ٿو. خواجه سعد رفيق منهنجو ڀاءُ آهي ۽ هڪ خاندان ۾ گڏ رهيو آهي، ن ليگ سان دوستي پراڻي آهي ۽ اهڙي ئي رهندي.

شادي جي تقريب ۾ موجود سردار اياز صادق صحافين سان ڳالهائيندي مذاق ڪندي چيو ته جهانگير ترين مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ جي سوال تي مسڪرائي رهيو هو، ان جو سبب پڇو. ان کانپوءِ اياز صادق مذاق ڪندي جواب ڏنو ته جهانگير ترين هجي يا ڪو ٻيو، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کانسواءِ سڀ مسڪرائي رهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔