حڪومت جي ٽن سالن جي معاشي ڪاميابي جي ڪهاڻي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جي اگهن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ ترقي جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، حڪومت جي ٽن سالن جي معاشي ڪاميابي جي ڪهاڻي آهي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ميڪرو اڪنامڪ ايڊوائزري گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، عام ماڻهو تي شين جي اگهن ۾ واڌ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ گذريل ٽن سالن ۾ معاشي سطح تي حڪومت جي ڪاميابين جو جامع جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت پاران ڇڏيل مالياتي بحران مان ڪاميابيءَ سان نڪرڻ کانپوءِ معاشي استحڪام لاءِ مضبوط قدم کنيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورونا سبب سمورن علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معاشي ترقي ٿي. برآمدات ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو، ٽيڪس روينيو 38 سيڪڙو جي واڌ کانپوءِ بلند ترين سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ترسيل ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ غيرمعمولي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، وچين درجي جي ڪاروبار لاءِ سبسڊيز معيشت کي مستحڪم رفتار سان وڌايو جنهن کي عالمي مبصرن ساراهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔