سنڌ ۾ عورتن کي گهر گهر وڃي ويڪسين ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ غير ملازمت پيشو رکندڙ ۽ گھريلو عورتن ڪورونا ويڪسينيشن تمام گهٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

صحت واري پارلياماني سيڪريٽري قاسم سومرو موجب گهرن جي عورتن جي ويڪسينيشن جي گھٽتائي سبب اومي ڪرون جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن سبب صوبي ۾ گهرن جي عورتن جي ويڪسينيشن لاءِ هنگامي منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ گھر گھر وڃي گھريلو عورتن کي ڪورونا کان بچاءُ جا ويڪسينيشن ڏني ويندي

قاسم سومرو چيو ته ان سلسلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ٽريننگ جاري آهي ۽ ايندڙ هفتي کان گهر گهر ويڪسينيشن شروع ڪئي ويندي، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ عورتون مردن ۽ ٻارن کي بھ ويڪسينيشن ڪنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔