ڳاهيجا ٿاڻي کي کاٽ هڻي فرار ٿيل جوابدارن جي وارثن واقعو ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

مدئجي: مدئجي- ڳاهيجا ٿاڻي کي کاٽ هڻي جوابدارن جي فرار ٿيڻ واري مامري جي جاچ جاري آهي، پوليس ذريعن موجب، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتار پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري هيڊڪوارٽر شڪارپور منتقل ڪيو ويو، ڊي ايس پي مدئجي جو چوڻ آهي ته گرفتار اهلڪارن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي

ايس ايس پي شڪارپور جاچ لاءِ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي، ٻئي طرف فرار ٿي ويل جوابدار يارو جتوئي جي وارثن طرفان واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته يار محمد جتوئي پوليس وٽ آهي، ٽي ڏينهن اڳ ماڙي ٿاڻي جي اهلڪارن سبعان دل سول ڊريس ۾ اهلڪار ساڻ ڪري اسان جي نوجوان کي کنڀيو هيو جنهن وٽ 2 لک روپيه هئا جيڪي پوليس کڻڻ بعد رشوت گهري هئي، رشوت نه ڏيڻ تي پوليس ڊرامو ڪيو آهي، نوٽيس وٺي اسان جي نوجوان کي واپس ڪرائي ڏنو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔