ڪپل شرما جي ساٿي ڪاميڊين زهر کائي ڇڏيو

ڪراچي: مشهور ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي ساٿي فنڪار تيرٿانند رائو معاشي صورتحال خراب ٿيڻ سبب زهر کائي ڇڏيو، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڪورونا سبب 2 سالن کان فارغ رهندڙ فنڪارن کي اميد هئي ته هاڻي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي پر ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي سندن اميدون ٽٽنديون نظر اچي رهيون آهن، ان ڏکي صورتحال ۾ تيرٿانند رائو خودڪشي جي ڪوشش ڪئي

ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تيرٿانند 27 ڊسمبر تي مالي مشڪلاتن سبب زهر کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڙيسرين کيس بروقت اسپتال پهچايو، جنھن سبب ھُن جي زندگي بچي وئي، تيرٿانند 4 ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ گھر واپس پهچي ويو آهي ۽ سندس حالت بهتر ٿي رهي آهي

هڪ انٽرويو ۾ تيرٿانند چيو ته ها مون زهر کاڌو، مالي پريشانين سبب گهر وارن مون کي ڇڏي ڏنو، مان اسپتال ۾ ويس پر منهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ مون کي ڏسڻ نه آيا

ڀارتي ميڊيا موجب تيرٿانند رائو گذريل 15 سالن کان شوبز جي دنيا سان وابسته آهي، ڪاميڊين هجڻ سان گڏ، هو مشهور ڀارتي اداڪار نانا پاٽيڪر جي هم شڪل طور بھ سڃاتو وڃي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔