پاڪستان ۾ 3مهينن بعد ڪورونا ڪيسز جي شرح اڍائي سيڪڙو کان مٿي ٿي وئي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جا وڌيڪ 1293 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 6ڄڻا فوت ٿي ويا، پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائڻ واري ويب سائيٽ موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 51145 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 1293 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 6ڄڻا فوت ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين فوتين جو انگ 28961 ٿي ويو ۽ مجموعي ڪيسز جو انگ 13لک 1141 تائين پهچي چڪو آهي، اين سي او سي موجب گذريل 24ڪلاڪ دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شر2.52 سيڪڙو رهي جيڪا تقريبن ٽن مهينن بعد ملڪ ۾ ڪورونا جي سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔