رانا شميم ڪيس: اهڙو آرڊر ڏيکاريو جنهن ۾ جج جي اثرانداز ٿيڻ جو شڪ ٿيو هجي؟

اسلام آباد: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان رانا شميم جي حلف نامي بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا ته هن عدالت جو ڪو به اهڙو آرڊر ڏيکاريو جنهن ۾ شڪ ٿئي ته جج کي انفلوئسن ڪيو ويو هجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رانا شميم جي حلف نامي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس اطهر من الله سينيئر صحافي انصار عباسي سان مخاطب ٿيندي چيو ته انصاف عباسي صاحب اوهان جي درخواست آئي آهي، ٻڌايو ته آرڊر ۾ ڪٿي ڪليرڪل غلطي آهي؟ ان پروڊسيڊنگ سان مان به اجوڪيٽ ٿي رهيو آهيان، انصار عباسي جو چوڻ هو ته آرڊر ۾ لکيو ويو ته جيڪڏهن غلط حقيقتون به ٿيون ته عوام جي مفاد ۾ ڇاپيندس، مان اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته اوهان جي درخواست ۾ به لکيو آهي ته اوهان کي ڄاڻ نه هئي ته حلف نامو درست آهي يا غلط، اظهار جي آزادي جو خيال هن بئنچ کان وڌيڪ ڪنهن کي نه آهي، جيڪڏهن ڪو وڏو نالو اوهان کي ڪو حلف نامو ڏئي ته اوهان ڇاپي ڇڏيندا؟

هن چيو ته بيانيو اهو آهي ته ثاقب نثار هڪ ڪيس ۾ جج سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، بئنچ ۾ ته اهو جج صاحب شامل ئي نه هو، بئنچ ۾ ته مان، جسٽس محسن اختر ڪيان ۽ ميان گل حسن اورنگزيب شامل هئاسين، ان کي ته اهو لڳي ٿو ته اسان ٽئي جج انفلوئنسڊ هئاسين، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ هو ته سموري پروسيڊنگ ۾ گهڻي ڪوشش ڪئي ته اوهان کي احساس ٿي وڃي ته اوهان ڇا ڪيو؟ اوهان پويون سموريون اخبارون ڏسو اوهان ڇا ڇاپي رهيا آهيو؟ انڪوائري ڪرائڻي آهي ته انهن جي نه ٿيندي جن جي باري ۾ لکيو ويو، انڪوائري پوءِ انهن ججز جي ٿيندي جيڪي هن وقت بئنچز ۾ موجود هئا، جڏهن اسٽوري آئي ته اپيلون ٻن ڏينهن بعد ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيون، انصار عباسي جو چوڻ هو ته حلف نامه بابت رانا شميم کي ٻڌائڻو آهي، اسان رانا شميم جي دعويٰ لڪائي ۽ ثاقب نثار جي به دعويٰ لڪائي اهڙو ڪجهه ناهي

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت اظهار جي آزادي جو گهڻو احترام ڪري ٿي، عدالت سڀ کان وڌيڪ حقن جي محافظ آهي، مون مٿان جيتري تنقيد ٿئي مونکي ان سان فرق نٿو پوي، عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس جي اهميت جو ڪنهن کي اندازو ناهي، ناسمجهه ۾ به شيون ٿي وينديون آهن، سندس چوڻ هو ته جڊيشل ڪيريئر ۾ هي ٻيو توهين عدالت جو نوٽيس ورتو آهي، پهريان به هڪ ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ توهين عدالت جو نوٽيس ورتو هو، اوهان جو هتي ڪيس آهي ۽ اوهان عالمي ادارن جا بيان ڇاپيا، انصار عباسي چيو ته منهنجي خيال فرد جرم لاڳو نه ٿيڻ گهرجي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان نه پر ڪورٽ طئي ڪئي، اوهان عدالت کي ڊڪٽيٽ نٿا ڪري سگهو،سينيئر صحافي ناصر زيدي چيو ته اسان کي هن عدالت مان انصاف مليو آهي ۽ اوهان اوندهه ۾ روشني جو ڪرڻو آهيو، عدالت کان استدعا آهي ته چارج فريم ڪيو

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هن ڪورٽ جو آخري آرڊر انٽرنيشنل آرگنائيزيشنز کي به موڪليو ويو آهي؟ جنهن تي ناصر زيدي چيو ته عدالتي حڪم نامو پرنٽ ٿيو آهي ۽ ان جو متن دنيا ۾ ويو، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا انهن حالتن ۽ واقعن ۾ ٻاهران جي ڪنهن شخص کي عدالتي معاون بڻايان؟ صحافي انصار عباسي چيو ته اسان مختلف بيان ڇاپيندا آهيون، اهو ناهيون چوندا ته اهو سچ ڳالهائي رهيو آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان کي يقين نه هو ته حلف نامو سچ آهي ته اوهان پوءِ ڇو ڇاپيو؟ انصار عباسي چيو ته حلف نامو شايع ڪرڻ ۾ محتاط ۽ عدالت يا ان عدالت جي جج جو نالو نه لکيو، منهنجي نظر ۾ اهو معاملو زير التوا نه هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔