نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت غير قانوني قرار، ڊاهڻ جو حڪم

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ راول ڍنڍ جي ڪناري تي ٺيل نيوي سيلنگ ڪلب جي اڏاوت کي غير قانوني قرار ڏيندي ان کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي نيوي سيلنگ ڪلب کي ٽن هفتن ۾ ڊاهڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي

عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ لکيو ته پاڪ فوج کي اهم حيثيت حاصل آهي جيڪا آئين ۾ ڏنل آهي، نيوي کي رئيل اسٽيٽ وينچر ڪرڻ جو اختيار ناهي، اداري جو نالو ريئل اسٽيٽ بزنس لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ اهو به لکيو ته اٿارٽي کي اختيار نھ ھو تھ نيوي کي اين او سي جاري ڪري، پاڪستان نيوي نيشنل پارڪ ايريا جي زمين تي قبضو ڪيو

عدالت لکيو ته اڳوڻي نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود عباسي غير قانوني عمارت جو افتتاح ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ان ڪري غيرقانوني عمارت ۾ ملوث ماڻهن خلاف بدانتظامي ۽ فوجداري ڪارروائي ڪئي وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊمرل (ر) ظفر محمود عباسي ۽ ٻين آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏيندي آڊيٽر جنرل کي نيول فارمز جو آڊٽ ڪرڻ ۽ قومي خزاني کي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جو به حڪم ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔