ننگرپارڪر جي عدالت ڪارونجهر تي ڪٽائي تاحيات بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر جي عدالت ڪارونجهر تي ڪٽائي تاحيات بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، ايف ڊبليو، ڪوهنور ۽ حاجي عبدالقدوس راڄڙ ڪمپني کي ڪٽائي لاءِ جاري ٿيل ليز غيرقانوني قرار ڏني وئي آھي

عدالت ڪارونجهر تي ڪٽائي بابت لاڳاپيل ادارن جي رپورٽ آڌار فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هر مهيني 5 تاريخ تي رپورٽ ڏيڻ ۽ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آھي

ننگرپارڪر جي عدالت پاران ڪارونجهر بابت حتمي فيصلو جاري ڪيو ويو آھي، ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي غير قانوني قرار ڏني وئي آھي، عدالت پاران ڪمپنين کي مشينري کڻي وڃڻ ۽ ڪئمپون هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

عدالت ايف ڊبيلو او، ڪوهه نور ۽ حاجي عبدالقدوس راڄڙ ڪمپنين کي ڪيمپون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان سلسلي ۾ فيصلي ۾ عدالت چيو آھي تھ ڪارونجھر جبل دفاعي ڀِت آھي، جيڪو پاڪستان ۽ ڀارت جي بارڊر تي موجود آھي

عدالت چيو تھ تاريخ شاھد آھي ته اسان بارڊر تي بار بار جھيڙي جو شڪار ٿيندا رهيا آھيون، تاريخي حوالي سان خبر پئي ٿي ته مقامي ماڻھن کي ڪارونجھر جبل سبب تحفظ ملي ٿو’

عدالت پاران حڪم تي عمل نه ڪندڙ ڪمپنين خلاف 188 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي، عدالت ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هر مهيني 5 تاريخ تي رپورٽ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، عدالت چيو تھ ڪارونجهر جبل مقامي ماڻهن، چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جي کاڌ خوراڪ جو ذريعو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔