سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سنڌ سرڪار کي 5 کان 15هين گريڊ تائين ڀرتيون روڪڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سرڪار کي 5 کان 15هين گريڊ تائين ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي, سنڌ هاءِ ڪورٽ متحده پاڪستان جي درخواست تي21 هزار ڀرتين خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڀرتين لاءِ جاري ٿيل سرڪاري نوٽيفڪيشنز به ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪري ڇڏيو

عدالت چيف سيڪريٽري، اي جي سنڌ ۽ آءِ بـِي اي سکر، سيبا ٽيسٽنگ سروسز، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ۽ آءِ بي اي ڪراچي کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، سنڌ سرڪار سال 2021ع جي جنوري ۽ فيبروري ۾ 2 نوٽيفڪيشنز جاري ڪندي آءِ بي اي ذريعي 21 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت سنڌ ۾ هزارين نوجوانن نوڪرين لاءِ آن لائين فارم ڀريا هئا

متحده اڳواڻ ڪنور نويد جميل پنهنجي وڪيل طارق منصور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ان موقعي تي چيو ته پ پ جي تعصبي حڪومت شهري علائقن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيو، ايڊ ووڪيٽ طارق منصور چيو ته سکر آءِ بي اي کي ڀرتين کان روڪيو وڃي ڇو ته آءِ بي اي سکر جي ٽيسٽ جي طريقيڪار کي چيلينج ڪيو ويو آهي

متحد پاڪستان پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 38 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتيون ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ ڪراچي جي نوجوانن کي نوڪرين مان محروم ڪيو پيو وڃي

طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته نوٽيفڪيشن 3 جنوري 2020 ۽ 6 فيبروري 2020 تي جاري ڪيا ويا، پنجين کان پندرهين گريڊ تائين خاموشي اختيار ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروسز کي ضابطن خلاف ٽيسٽنگ جو ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي، نئين طريقيڪار تحت نوڪريون آءِ بي اي ڪراچي بدران سکر آءِ بي اي مان هونديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔