نواز ليگ جي ڊيل بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد: مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ نواز ليگ جي ڊيل بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، رڳو ميڊيا تي ڊيل جا افواهه ٻڌي رهيا آهيون، حيرت آهي جو ميڊيا کي ڊيل جي خبر آهي، اسان کي خبر ڇو ناهي پئي؟

اسلام آباد ۾ پي ايس پي وفد سان ملاقات بعد ڳالهيون ڪيون، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي چڪو، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ پي ٽي آءِ جو اڇو چٺو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي

ثابت ٿي ويو ته عمران خان اليڪشن ۾ ناجائز طريقي سان آيو آهي، اسان به ڪچيون گوريون نه کاڌيون آهن، ملڪي سياست ۾ پنهنجي اهميت ۽ ڪردار رکون ٿا، ملڪ ۽ چئني صوبن کي آئين تحت هلائڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔