پي ٽي آءِ وانگر پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي فنڊنگ جي جاچ جو منتظر آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ وانگر پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو منتظر آهيان

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هو پي ٽي آءِ جي فنڊنگ اليڪشن ڪميشن جي جاچ جي آجيان ڪريان ٿو، اڪائونٽس جي جيتري به جاچ هجي قوم جي لاءِ اوتري ئي حقيقتون وضاحت ٿينديون

هن چيو ته خبر پئجي ويندي ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا سياسي فنڊ گڏ ڪرڻ تي ٻڌل آهي،وزيراعظم چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي به اهڙِي طرح جاچ پڙتال جو منتظر آهيان، قوم حقيقي سياسي فنڊريزنگ، مفاد ۽ ڀتا خوري ۾ فرق ڏسندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔