جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب اسيمبلي جي وڏي بي حرمتي ٿي آهي: سراج دراني

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته جماعت اسلامي جو ڌرڻو ايوان جو تقدس پائمال ڪري رهيو آهي، هي اُها اسيمبلي آهي جتي قائداعظم محمد علي جناح پهريون ڀيرو گورنر جنرل طور حلف کنيو هو

احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اها ئي اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو، ان اسيمبليءَ ۾ پهريون وزيراعظم لياقت علي خان ويٺو هو، جنهن اسيمبلي ۾ اڪثريت هجي اها قانون ٺاهي ٿي، قانون اسپيڪر يا اسيمبلي نه پر ايوان مان پاس ٿيندو آهي، قانون ايوان ۾ وڃي ٿو، جتي ووٽنگ ٿئي ٿي

هن چيو آهي ته جماعت اسلامي کي سنڌ سيڪريٽريٽ وڃڻ گهرجي، هو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو ڏين، سنڌ حڪومت اتي موجود آهي، اسيمبليءَ جو ڪهڙو قصور آهي جو اتي ڌرڻو هنيو ويو؟، مون کي ڪنهن سان ڳالهين جي پرواهه ناهي، منهنجو ڪم اسيمبليءَ کي هلائڻ آهي، جن کي ووٽ آهن اهي قانون پاس ڪندا آهن، اسيمبلي تي الزام بي بنياد آهن

هن چيو آهي ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب اسيمبلي جي وڏي بي حرمتي ٿي آهي، سڄي سال ۾ اسيمبليءَ جي جيتري بي حرمتي ٿي ايتري گذريل ٽيهن سالن ۾ نه ٿي آهي، سڄي سال ۾ اسيمبليءَ ۾ اهڙيون تحريڪون هلي رهيون آهن، جيڪي مون ٽيهه سالن جي تاريخ ۾ نه ڏٺيون آهن

هن چيو آهي ته جماعت اسلامي نئين سال جي شروعات ڪري ڇڏي، مينهن ويچاري جو ڪهڙو ڏوهه؟، وزيراعظم هائوس ۾ به مينهون موجود هيون انهن به زور زور سان رڙيون ڪيون، پنجن سالن تائين اهي ميان صاحب جو کير پيئندا رهيا هاڻي اسان کي ڪڍي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔