اومي ڪرون جا ڪيس وڌن پيا، ويڪسين وارا ماڻهو به ڪورونا ۾ مبتلا آهن: ڊاڪٽر فيصل

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته هيلٿ ڪارڊ هولڊر ڪراچي سميت ملڪ جي ڪنهن به شهر جي مخصوص خانگي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڪجهه اسپتالن ۾ علاج هيٺ آيل مريضن کي علاج جو معاوضو ادا نه ڪرڻو پوندو، اسپتال ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڊپارٽمينٽ مامرا طئي ڪندا

پاڪستان ۾ ڪورونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته اومي ڪرون جا ڪيس هر هنڌ اچي رهيا آهن، ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.9 سيڪڙو آهي جڏهن ته لاهور ۽ پشاور ۾ اها شرح 2.2 سيڪڙو آهي

خاص مددگار وڌيڪ چيو ته ويڪسين وارا ماڻهو به ڪورونا ۾ مبتلا آهن پر شرح گهٽ آهي، اين سي او سي اجلاس ۾ موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔