ڀارتي فوج تازو نيلم ماٿري اڳيان جڙتو مقابلو ڪري پاڪستان مٿان الزام ھنيو:بابر افتخار

ڪراچي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته ڀارتي فوجي قيادت طرفان ڌمڪيون ۽ غلط پروپيگنڊا ڪئي وئي، ڀارت خطي جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ڀارت اندروني طور انتهاپسندي طرف وڌي رهيو آهي

راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته فيبروري ۾ ڊي جي ايم اوز جي رابطي سبب سڄو سال ايل او سي پرامن رهيو، پر تازو ئي نيلم وادي ۾ ڀارتي فوج جعلي مقابلو ڪيو، جنهن جو الزام پاڪستان تي لڳائي ڇڏيو، ڀارت اڳ به ڪيترائي بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري چڪو آهي، ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا جو مقصد عالمي برادري جو ڌيان هٽائڻ آهي

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جو بدترين محاصرو جاري آهي، ڀارتي فوج دهشتگردي جي نالي تي ڪشميرين کي نشانو بڻائي رهي آهي، ڀارت جنيوا ڪنوينشن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، سڄي دنيا مان آواز اٿاريو پيو وڃي، ڀارت ۽ والاريل ڪشمير جي مستند سياسي قيادت آواز اٿاري رهيا آهن، هاڻي نه رڳو ڀارت پر ڪشميري قيادت ۽ سڄي دنيا مان آواز اٿاري رهيا آهن

هن چيو ته 2021ع ۾ اتر وزيرستان ۾ اهم آپريشن ڪيو ويو، هن آپريشن سان مڪمل رياستي رٽ بحال ٿي، آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان اوچتو پرڏيهي فوج جو انخلاء ٿيو جنهن جا اثر پاڪستان جي سيڪيورٽي تي به ٿيا

هن چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم 94 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو مقصد عوام کي ورهائڻ نه پر انهن کي محفوظ بڻائڻ آهي، هن ۾ شهيدن جو خون شامل آهي ۽ هي امن جو باڙ آهي

ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال سنگين انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصي کان پاڪستان جي مختلف ادارن جي خلاف هڪ منظم مهم هلائي پئي وڃي، جنهن جو مقصد حڪومت، عوام ۽ ادارن جي وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ ۽ ادارن تي عوام جي اعتماد کي نقصان پهچائڻ آهي، اهڙين سمورين سرگرمين کان نه رڳو واقف آهيون پر انهن جي لنڪس کان به آگاهه آهيون، هي ماڻهو اڳ به ناڪام ٿيا ۽ هاڻي به ناڪام ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔