وڏي وزير سان رميز راجا جي ملاقات، سنڌ جا بهترين ڪرڪيٽر آهن: پي سي بي چيئرمين

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ملاقات ڪئي آهي، رميز راجا چيو آهي ته سنڌ جا بهترين ڪرڪيٽر آهن، حيدرآباد مان زاهد حسين، لاڙڪاڻي مان شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻين علائقن جا سٺا رانديگر آهن، ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي چاهيون ٿا، حيدرآباد جو اسٽيڊيم ته بهترين آهي رڳو هوٽل جو مسئلو آهي

مراد علي شاهه چيو ته هاڻي منصوبو ٺاهي رهيا آهيون ته رانديگرن کي جهاز ذريعي وٺي وڃجي، هي منصوبو پي سي سان مڪمل ڪنداسين، ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جڏهن ڪرڪيٽ کي حيدرآباد ۾ آندو ويندو ته وڌيڪ ٽيلينٽ سامهون ايندو

هن چيو ته سکر ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهي رهيا آهيون، سکر ڪمپليڪس ۾ 2 ڪرڪيٽ گرائونڊ، فٽبال ۽ ٻيا گرائونڊ هوندا، پي سي بي جي ٽيڪنيڪل ٽيم سکر اسپورٽس ڪامپليڪس جو دورو ڪري، اسان پي سي بي جي رهنمائي سان سکر گرائونڊ کي بهتر بڻائينداسين

ترجمان موجب ان موقعي تي رميز راجا سنڌ جي وڏي وزير کي پي سي بي طرفان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اسان سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ ٽيلينٽ جي تلاش ڪنداسين

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان سنڌ ٽيم کي اسپانسر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پي سي بي چيئرمين چيو ته سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪرڪيٽ کي فروغ ڏينداسين، سنڌ جي وڏي وزير پي سي بي چيئرمين رميز راجا کي شيلڊ، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔