پيپلز پارٽي تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ ڪراچي جي وسيلن تي قبضا ڪيا آهن: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ غير آئيني آهي، اسان کي اها به خبر آهي ته مراد علي شاهه وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي، اڪثريت هجڻ جي باوجود اهي آئين جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي جي اصل آبادي 3 ڪروڙ کان مٿي آهي جنهن کي اڌ ڪيو ويو آهي، دنيا جي وڏن شهرن جو مثال ڏسو ائين ناهي ٿيندو ، ڪراچي جي حيثيت بمبئي ۽ دهلي کان به وڏي آهي

هن چيو آهي ته ڪراچي کي لوڪل گورنمينٽ جو درجو ملڻ گهرجي جيڪو 2001ع ۾ هو، ڪراچي ميئر جي ماتحت ڪي ڊي اي کي ڏني ويو، ڪي ڊي اي سنڌ بلڊنگ اٿارٽي ٺاهي، تعليمي ادارا به شهري حڪومت جي ماتحت هئا

هن چيو آهي ته نعمت الله خان اسڪولن کي اپ گريڊ ڪيو ۽ مضبوط نظام ٺهڻ شروع ٿيو هو، پيپلز پارٽي قبضو شروع ڪيو، تعليمي ادارن سان گڏ ۽ اسپتالن تي به قبضا ڪيا ويا، عباسي اسپتال، ڪي ايم ڊي سي ۽ دل جي اسپتال سوڌو سڀني تي قبضو ڪري ڇڏيو، قبضو ڪرڻ جي سوچ به لسانيات جي بنياد تي آهي، ڪرپشن ۽ لساني بنيادن تي قبضا شروع ڪيا ويا عدالتن مان اميد آهي ته جلد هن جو فيصلو ٻڌايو ويندو

هن چيو آهي ته جيڪڏهن عدالت ۾ انصاف نه دير ٿي ته پ پ جي فسطائيت ۾ تيزي ايندي، ڪراچي جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ٽيڪس نظام ۾ 95 سيڪڙو ڪراچي ادا ڪري ٿو، ڪراچي جي اصل آبادي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جيستائين سنڌ حڪومت اسان سان نه ڳالهائيندي احتجاجي ڌرڻو جاري رهند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔