ڇا ھي آھي نئون پاڪستان، گاڏي تي فائرنگ، ريحام خان طرفان وزيراعظم تي ڪاوڙ

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ۽ پاڪستان ڄائي ريحام خان دعويٰ ڪئي آهي ته فائرنگ ڪري سندس گاڏي ڦر ڪئي وئي آھي،

ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان تي تنقيد ڪندي سوال ڪيو ته ڇا هي آهي عمران خان جو نئون پاڪستان، بزدل، لالچي ۽ ٺڳن جي رياست ۾ ڀليڪار آھي

ٽوئيٽر تي ريحام خان لکيو ته ويجهي مائٽ جي شادي مان واپسي تي منهنجي ڪار تي فائرنگ ڪئي وئي، گن پوائنٽ تي ٻن موٽرسائيڪل سوارن منهنجي ڪار به ڦري ورتي آھي

ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ڪار ۾ منهنجو پرسنل اسسٽنٽ ۽ ڊرائيور به موجود هئا، ريحام خان جي پرسنل سيڪريٽري اسلام آباد جي شمس ڪالوني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔