پريانٿا قتل ڪيس ۾ گرفتار 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو

ڪراچي: پريانٿا قتل ڪيس ۾ گرفتار 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آھي، سيالڪوٽ ۾ فسادين هٿان سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ 64 جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي

پنجاب پوليس جي ترجمان موجب حراست ۾ ورتل 149 جوابدارن مان 64 کي سي سي ٽي وي وڊيوز جو جائزو وٺڻ بعد آزاد ڪيو ويو آهي

پنجاب پوليس جي ترجمان موجب هن وقت 85 جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، سمورن 85 جوابدارن جي فرانزڪ ٽيسٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، جوابدار جسماني رمانڊ تي آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته 18 جوابدارن کي ٻيهر 28 ڊسمبر تي گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته 67 جوابدارن کي 3 جنوري تي جسماني رمانڊ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔