سڀني کي گڏ کڻي نه هلياسين ته ملڪ ۾ بهتري نه ايندي: خورشيد شاھ

نوشھروفيروز: پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ اُن جا ٻار به پاڪستان جو حصو آهن، سڀني کي گڏ کڻي نه هلياسين ته ملڪ ۾ بهتري نه ايندي، اسان سڀني کي گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿا

نوشهروفيروز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪمران سمجهن ٿا ته ڀاڻ جي بحران جو گهڻو اثر نه ٿيندو، ڀاڻ جي بحران جا سموري ملڪ جي معيشت تي اثر پوندا، حڪمرانن کي ڀاڻ جي بحران جو احساس نه آهي

پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو آهي ته جهيڙي سان نه، پر سياسي ڏاهپ سان مسئلا حل ٿيندا آهن، عمران خان جي سونامي تباهي جي نشاني آهي، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب عوام عذاب ڀوڳي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔