گيس بحران: گهريلو صارفين کي مهانگي ايل اين جي نٿا ڏئي سگھون: توانائي وارو وزير

اسلام آباد : توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ڪراچي ۾ گئس بحران جو احساس آهي پر گهريلو صارفين کي مهانگي ايل اين جي به فراهم نٿي ڪري سگهجي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حماد اظهر چيو ته هن سال سنڌ هاءِ ڪورٽ جنرل انڊسٽريز ۽ ڪيپٽن پاور کي روڪٿام جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ ايم ڊي سوئي سدرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڏين

توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ گيس جي بحران جو خدشو آهي، شهر جي پڇاڙي وارن علائقن ۾ گئس پريشر جو به مسئلو آهي، ملڪ ۾ گيس ساليانو 9 سيڪڙو گهٽجي رهي آهي

هن وڌيڪ چيو ته ايل اين جي جا 10 کان 11 ڪارگو جنوري ۾ ايندا پر عالمي مارڪيٽ ۾ ايل اين جي تمام مهانگي آهي ان ڪري مهانگي ايل اين جي گهريلو صارفين کي نٿي ڏئي سگهجي

ياد رهي ته سردي شروع ٿيڻ سان ئي ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گئس جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گيس غائب آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔