ڪي پي مڪاني چونڊن ۾ شڪست: وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جو سمورو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد: خيبرپختونخواه ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ شڪست بعد وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جو سمورو تنظيمي ڍانچو ٽوڙي ڇڏيو آھي، نئين سر تنظيم سازي لاءِ آئيني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس بعد وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي آءِ جي سمورين ذيلي تنظيمن کي ٽوڙيو ويو آهي، نئين سر تنظيم سازي لاءِ قائم آئيني ڪميٽي ۾ مرڪزي قيادت هوندي، وزيراعظم ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ پارٽي مامرن جي پاڻ نگراني ڪندو، اُميدوارن ۾ ٽڪيٽس ورهائڻ لاءِ مڪينزم جوڙيو ويندو، ڪنهن جي مائٽ کي ٽڪيٽ ڏيڻ وارو معاملو مرڪزي ڪميٽي ڏسندي

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ دوران فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻهراڙي ۽ نواز ليگ پنجاب ۾ محدود ٿي وئي، عوام پي ٽي آءِ کي قومي جماعت سمجهي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔