ڪراچي: نالي ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو، ٽي ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

ڪراچي: ڪراچي ۾ محمود آباد گيٽ ڀرسان نالي ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندن حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زخمين جي سڃاڻپ 17 ورهين جي بلال، 20 ورهين جي دلاور ۽ 11 ورهين جي جون طور ٿي آهي.جمشيد ڪوارٽرز جي ايس ايس پي فاروق بجاراڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌماڪو نالي ۾ گئس ڀرجڻ سبب ٿيو.
ان کان اڳ شير شاهه ۾ عمارت ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 18 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. اها عمارت سائيٽ لميٽيڊ طرفان تعمير ڪئي وئي هئي ۽ ان ۾ ڪيترائي دڪان هئا، جن ۾ هڪ بئنڪ به شامل هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔