وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪميٽي جو اجلاس، مڪاني چونڊن تي صلاح مشورا

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مڪاني چونڊن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير عثمان بزدار ۽ محمود خان، سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنرز، وفاقي وزيرن ۽ سينئر پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن تي صلاح مشورا ڪيا ويا.
ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي سياسي صورتحال تي به غور ڪيو ويو. جڏهن ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي انتظامي معاملن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه جي چونڊ نتيجن بابت رپورٽ جو به جائزو ورتو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔