حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو

اسلام آباد : سينيٽ ۾ سيالڪوٽ سانحي تي بحث دوران حڪومت ۽ ٽي ايل پي وچ ۾ ٿيل معاهدي کي منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، پ پ سينيٽر رضا رباني سينيٽ ۾ خطاب دوران چيو آهي ته ملڪ ۾ عوام کي سياسي اختلاف جو حق نه مليل آهي

ھن چيو تھ هڪ جج ڪنهن به فورس خلاف فيصلو ڏئي ته رياست اُن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ چاهيندي آهي، انتهاپسند قوتن ڪراچي ۽ لاهور سوڌو ٻين شهرن ۾ پنهنجا سيل ٺاهيا، پر رياست خاموش تماشائي بڻجي ڏسندي رهي، ويڙهاڪ گروپن رياستي رٽ کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، پر رياست خاموش رهي، رياست کي جيئن وڻي، تيئن پارليامينٽ کي استعمال ڪيو ويندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔