ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين سينيٽر طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين بطور سينيٽر حلف کڻي ورتو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي نئين چونڊيل سينيٽر شوڪت ترين کان ان جي عهدي جو حلف ورتو.
ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخواهه مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي سينيٽ جو ميمبر چونڊجيو آهي. کيس ٽوٽل 87 ووٽ مليا آهن. تحريڪ انصاف پاران ايوب آفريدي کي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏياري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏنو هو.
جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار جي سامهون اي اين پي جي شوڪت اميرزاده، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ(ف) جو ظاهر شاهه مقابلي ۾ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔