حڪومت جي بدانتظامي سبب گئس بحران گرمين تائين جاري رهندو: شيري رحمان

لاهور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته حڪومت جي بدانتظامي سبب گئس جو بحران گرمين تائين جاري رهندو. ملڪ مٿان مڙهيل حڪومت ڪابه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي.
سينيٽر شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته رڪارڊ قيمتن تي گئس خريد ڪئي وئي. ڊيفالٽر ڪمپنين سان معاهدن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ڊليوري ۾ دير ٿي. ان سان گردشي قرضن ۾ 50 ارب روپين جو اضافو ٿيو.
گردشي قرض پهريان ئي 2.419 ٽريلين روپيه آهي. حڪومت جي غلط پاليسين سبب صرف گئس شعبي جو گردشي قرض 12 سئو ارب روپيه ٿي ويو آهي.
شيري رحمان چيو ته ٻئي طرف سينگاپور جي ڪمپني کان پوءِ اٽلي جي ڪمپني به ايل اين جي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. گئس جي عدم سپلائي سبب چلها ۽ صنعتون بند پيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔