ڪراچي ۾ گئس بحران: تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبرن حماد اظهر جي برطرفي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ گئس جي بدترين بحران تي تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ايم ڊي سوئي سدرن جي برطرفي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪراچي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر عبدالشڪور شاد ۽ جميل احمد خان گئس بحال نه ٿيڻ تي سوئي سدرن هيڊ آفيس جي سامهون احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو. عبدالشڪور شاد چيو ته فوري طور تي فيصلا نه ڪيا ويا ته تحريڪ انصاف کي وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
جڏهن ته ايم اين اي جميل احمد خان وفاقي وزير حماد اظهر کي خط لکي گئس کوٽ سبب شهرين کي ٿيندڙ پريشاني جو ذڪر ڪيو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گئس بحران بي قابو ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي راجا اظهر طرفان وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير حماد اظهر کي آگاهي خط لکيو جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي خاص طور تي منهنجي سموري تڪ 97 ۾ گئس بحران شديد تر ٿي ويو آهي.
گئس بحران تي شهري سوئي گئس ۽ وفاقي حڪومت جي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صورتحال تحريڪ انصاف جي هٿن مان نڪري رهي آهي جيڪا مڪاني چونڊن ۾ نقصان پهچائيندي. وزيراعظم گئس بحران تي نوٽيس وٺي، ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف کي ميڊيٽ ڏنو آهي کين مايوس نه ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔