مالاڪنڊ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، شهري گهرن مان ٻاهر نڪري آيا

مالاڪنڊ: مالاڪنڊ شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي پيما مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.2 محسوس ڪئي وئي ۽ ان جي گهرائي 226 ڪلو ميٽر هئي.
زلزلي پيما مرڪز ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز ڪوهه هندوڪش جو پهاڙي سلسلو هو. زلزلي جي لوڏن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان ڪلمي جو ورد ڪندي ٻاهر نڪري آيا.
شروعاتي ڄاڻ موجب زلزلي جي نتيجي ۾ هينئر تائين ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔