ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ٿيڻ جو امڪان

پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مارچ تائين ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ 16 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي کي ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته ٻئي مرحلي جي چونڊن ۾ مالاڪند ۽ هزاره جا جابلو علائقا شامل آهن. ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ان علائقن ۾ برفباري ٿيندي آهي ۽ موسم ٿڌو هجڻ سبب ان علائقن جي اڪثريتي آبادي ميداني علائقن جو رخ ڪندي آهي.
صوبائي وزير موجب اهڙين حالتن ۾ چونڊون ڪرائڻ سان آبادي جو وڏو حصو ووٽ جي حق کان محروم ٿي ويندو. تحريڪ انصاف مالاڪنڊ تنظيم اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو آهي ۽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان درخواست ڪئي پر اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن چونڊون مارچ تائين ملتوي ڪيون وڃن ته سمورن ماڻهن کي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔