بلوچستان: ڪيچ ۾ دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ مٿان حملو، ٻه اهلڪار شهيد

راولپنڊي: بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن پاران چيڪ پوسٽ مٿان حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ مٿان حملو ڪيو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران خوشاب جو رهواسي لانس نائيڪ منظر عباس ۽ خضدار جو رهواسي سپاهي عبدالفتح شهيد ٿي ويا. پر سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا جن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اهڙن ملڪ دشمن ڪارروائين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. دهشتگردن جو مقصد بلوچستان جي امن استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي. هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ شهيد لانس نائيڪ منظر عباس ۽ سپاهي عبدالفتح جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته بهادر سپوتن پنهنجون قيمتون جانيون ملڪ جي امن لاءِ قربان ڪيون.
شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان جون سموريون همدرديون شهيدن جي وارثن سان گڏ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔