گوگل پاران ليجنڊ اداڪار معين اختر جي سالگره تي خراج تحسين پيش

ڪراچي: پاڪستان جي عالمي شهرت يافته فنڪار، ميزبان ۽ مزاحيه اداڪار معين اختر جي 72هين سالگره تي گوگل پاران پنهنجي خاڪي(ڊوڊل) ذريعي کيس هڪ شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.
جيئن ئي 21 ڊسمبر جو ڏينهن ختم ٿيو رات 12 وڳي کان پوءِ گوگل جي اسڪرين تي معين اختر جو ڊوڊل نمايان ٿي ويو. گوگل ڪيترن ئي ماڊلن جا ٽي وي تي پنهنجو نالو ۽ معين اختر جي ڪردارن واريون تصويرون ڏيکاريون آهن. معين اختر پنهنجي زبردستي مشاهدي، ٽائمنگ، ذهانت ۽ بهترين اداڪاري سبب نه صرف پاڪ هند پر سموري دنيا ۾ عالمي شهرت رکندو هو.
هن ڪيترن ئي ڊرامن، اسٽيج شو، فلمن ۽ ٻين پليٽ فارم تي پنهنجي فن جو جادو جاڳايو. انور مقصود جي لکيل شاندار پروگرام لوز ٽاڪ ۾ هن ڪيترائي ڪردار ادا ڪيا جيڪي هڪ ٻئي کان وڌيڪ هئا ۽ امر ٿي ويا. 24 ڊسمبر 1950ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ معين اختر 14 سالن جي عمر کان ئي ٿيٽر تي ڪم شروع ڪيو هو.
هن شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري ڪئي. پي ٽي وي تي انتظار فرمائيي ۾ معين اختر جو ڪردار تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. ان جي مشهور ڊرامن ۾ روزي، بڪرا قسطون پر، ڪچهه ڪچهه، سچ مچ، آنگن ٽيڙها، بندر روڊ کان ڪياماڙي، مرزا ۽ حميده، هاف پليٽ ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج پروگرام به ذڪر جوڳا آهن.
ان کان علاوه معين اختر سٺو گلوڪار پڻ هو. 22 اپريل 2011 تي دل جي دوري سبب معين اختر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔