وزيراعظم عمران خان پاران اسپيشل ٽيڪنالوجي زون، ٽيڪنا پوليس جو افتتاح

لاهور: وزيراعظم عمران خان اسپيشل ٽيڪنالوجي زون، ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ۽ هائر ايجوڪيشن جي وزير کي منصوبي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ٽيڪ ڪمپنيون دنيا جو مستقبل آهن. آءِ ٽي جي انقلاب سان اسان تيزي سان اڳيان وڌي سگهون ٿا. اسان جي 22 ڪروڙ جي آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن. اسان جي برآمدات 2 ارب ڊالر آهي. روزگار جي فراهمي ۽ برآمدات ۾ اضافو ٻه وڏا مسئلا آهن. ماضي ۾ برآمدات تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. ڪاروبار ۾ آساني لاءِ رنڊڪن کي ختم ڪيو پيو وڃي.
عمران خان چيو ته ڊالرز جي کوٽ سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي. چين 40 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. چين منصوبه بندي سان ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪيو.ڪرپشن سبب ملڪي دولت ٻاهر منتقل ٿي رهي آهي.
هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزردار چيو ته منصوبي لاءِ 700 ايڪڙ زمين مقرر ڪئي وئي آهي. اسپيشل ٽيڪنالوجي زون جو اسٽرڪچر بهترين بنايو ويندو.
اسپيشل ٽيڪنالوجي زون ۽ نالج پارڪ سان علائقي ۾ ترقي ٿيندي. اميد آهي ته منصوبو جلد مڪمل ٿي ويندو. منصوبي سان نوجوانن کي روزگار جا نوان موقعا ملي سگهندا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سمنڊ پار پاڪستانين جي لا ڪاروبار ۾ آساني ٿئي. ٽيڪنالوجي زونز سان ايڪسپورٽس وڌائينداسين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔